آغا عبدالنبي عليگ

آغا عبدالنبي عليگ

آغا عبدالنبي عليگ

آغا عبدالنبي ’عليگ ‘: آغا عبدالنبي ’عليگ‘ ولد آغا گل حسن خان دراني، 3 جولاءِ 1903ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم گمبٽ (خيرپور) مان ورتائين. 1919ع ۾ اعليٰ تعليم لاءِ علي ڳڙهه ڪاليج ويو، جتان 1924ع ۾ بي. اي (آنرز) ڪري واپس وطن آيو. سڀ کان اول پاڻ شڪارپور هاءِ اسڪول ۾ فارسيءَ جو استاد مقرر ٿيو، جتان بعد ۾ مختيارڪار جي عهدي تي پهتو. آهستي آهستي ترقي ڪندو ڪمشنر ٿيو، ۽ 1958ع ۾ رٽائر ڪيائين. رٽائر ڪرڻ کان پوءِ به گورنمينٽ جي صلاحڪار جي حيثيت ۾ لاهور ۾ ڪم ڪيائين، جتي کيس صوبائي پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر ڪري کنيو ويو.
آغا صاحب کي علم و ادب جو ذوق ننڍپڻ کان ئي هو. شعر و شاعريءَ ۾ ’آغا‘ ۽ ’عليگ‘ تخلص اختيار ڪيو اٿس. ’افڪار عليگ‘ جي نالي سان سندس نظمن جو مجموعو به ڇپيل آهي. پاڻ ڊراما به لکيائين. سندس ڪتابن ۾ ’حريص پتلو‘ عرف ’وفا جي ديوي‘، ’ايڪتا فلم جا ڊائلاگ‘، ’افسانا ۽ مقالا‘ وغيره شامل آهن.
پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر به رهيو. ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جو پراڻو ڪارڪن هو. سچل اڪيڊمي ۽ سچل ثقافتي مرڪز جو قيام ۽ سچل تي ادبي ڪانفرنسون منعقد ڪرائڻ، سندس اهم خدمتون آهن. شاهه لطيف ۽ سچل سائينءَ کان علاوه پاڻ اميرخسرو کان به متاثر هو. سندس شاعريءَ ۾ تصوف، هجر ۽ وصال، عشق ۽ جذب جا دلڪش نمونا ملن ٿا. آغا صاحب
19 آڪٽوبر 1976ع/ 12 ذوالحج 1396هه تي وفات ڪئي.


لفظ آغا عبدالنبي عليگھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1903.07.03  عيسوي

آغا عبدالنبي ’ عليگ ‘ ولد آغا گل حسن خان دراني ، 3 جولاءِ 1903ع تي شڪارپور ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حافظ محمد 2
مخدوم ساهڙ لنجار
پير ڪمال ڪمال فقير
پرڏيهي پير
ارجن آسومل ڀنڀاڻي
ايڇ جي راورٽي
امام بخش شاهه فدوي
قاضي مقصود گل
حڪيم شيخ محمد بکري
بهاول خان عباسي4
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون